پيٺي 2

پيٺي: ٿر ۾ شاديءَ جي هڪ رسم، جنهن کي ”پيٺي چاڙهڻ“ چيو ويندو آهي، ان ۾ گهوٽ يا ڪنوار کي ”ونواهه“ ۾ ويهارڻ کان پوءِ مُڱ پيهي، اٽو ٺاهي، ان ۾ ٿورو گيهه ۽ هئڊ ملائي، ڳوهي، پيٺي يا ”پيئر“ تيار ڪري، اُها روزانو گهوٽ ۽ ڪنوار جي بُت تي مليندا آهن. ائين ڪرڻ سان بدن اُجرو ٿيندو آهي. جيڪڏهن عورت آهي ته، چار عورتون ٻه پرڻيل ۽ ٻه ڪنواريون، نمبر وار گهوٽ يا ڪنوار کي هڪ ننڍيءَ منجيءَ تي ويهاري پنهنجي ساڄي ٻانهن، کاٻي طرف ۽ کاٻي ٻانهن ساڄي طرف ڪري، پنهنجون ٻيئي چيچون پيٺيءَ ۾ ٻوڙي، پهرين گهوٽ يا ڪنوار جي پيرن ۽ پوءِ گوڏن ۽ آخر ۾ ڪلهن تي لڳائي هٿ سڌا ڪندا آهن. هڪ هڪ ڄڻو چار يا پنج دفعا ائين ڪندو آهي. ان کان پوءِ چار ئي ڄڻا گڏجي گهوٽ کي پيٺي مليندا آهن، جيڪا ”ڄڃ چڙهڻ“ تائين جاري رهندي آهي، ايستائين وِنواهه ۾ ويٺل گهوٽ يا ڪنوار کي وهنجڻو نه پوندو آهي. اڄڪلهه ڪلهه ڪنوارون بيوٽي پارلر تي تيار ٿيڻ وينديون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو